تاريخ طاهري

تاريخ طاهري

تاريخ طاهري

تاريخ طاهري (ڪتاب ):تاريخ طاهريءَ جو مصنف مير طاهر محمد ولد سيد حسين نسياني، اصل ٺٽي جو رهاڪو هو. ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ سندس خاندان هلنديءَ وارو هو ۽ ٺٽي ۾ اچي مولانا اسحاق وٽ تعليم ورتائين. طاهر محمد جو اصل نالو عمر شاهه هو ۽ سندس مامو دائود سهتو، درٻيلي پرڳڻي جو وڏو نالي وارو سردار هو. همايون بادشاهه جڏهن هندستان مان نڪري سنڌ ۾ آيو هو ته درٻيلي ۾ قيام وقت، عمر شاهه سهتي سندس گهڻي مدد ڪئي. همايونءَ خوش ٿي کيس پروانو لکي ڏنو ته، ”آءٌ وري بادشاهه ٿيس ته درٻيلي جو سارو علائقو تنهنجي حوالي ڪندس.“ همايون جڏهن بادشاهه ٿيو تڏهن هي فرمان جاري ڪيائين ته: ”آءُ همايون بادشاهه، درٻيلي جو پرڳڻو ارباب دائود ولد عمر شاهه سهتي ۽ سندس اولاد کي بخشش ۾ ڏيان ٿو“. عمر شاهه جي فوت ٿيڻ بعد بکر جي حاڪم محمود خان ڪوڪلتاش، ميرزا شاهه حسن جي حڪم تي عمر شاهه سهتي جي ٻنهي پٽن کي مارائي ڇڏيو. عمر شاهه کي جيئري کل ۾ سبائي بکر جي قلعي تان درياهه ۾ اڇلايائين ۽ پٽ جي کل لهرائي بُهه سان ڀرائي، مرزا شاهه حسن ارغون ڏانهن، ٺٽي موڪلي ڏنائين. اهڙي ظلم سبب سهتن جا ڪجهه خاندان پنهنجي وطن سنڌ مان لڏي، احمد آباد ۾ وڃي مقيم ٿيا. طاهر محمد پنهنجي تاريخ ۾ عمر شاهه کي ”ڄام“ جي لقب سان ياد ڪيو آهي. طاهر محمد پنهنجي حياتيءَ جو ڪافي وقت پنهنجي ناناڻي ملڪ يعني ساهتيءَ جي شهر درٻيلي ۾ گذاريو. کيس سنڌ جو ”حاجي بابا“ ڪري چوندا هئا. پاڻ ”نسيانيءَ“ جي نالي سان سڏيو ويو آهي. هن سنڌ جي قصن ۽ ڪهاڻين کي ڪتابي صورت ۾ ’نسيانيءَ‘ جي نالي سان لکيو جيڪو ڪتاب نظم ۾ 254 صفحن تي مشتمل آهي.


لفظ تاريخ طاهريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو